پارس ڀاڳ

پارس ڀاڳ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ڏيپچند ڪندن مل جو لکيل آهي. رايل سائيز واري هن ڪتاب ۾ 54 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 9 آنا رکيل آهي. ڇاپو پهريون، ليکڪ سال 1876ع ۾ ڇپايو. هن نالي سان ٻيو ڪتاب تاراچند آسوديمل ٽهلراماڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيل آهي. ڪتاب جا ٻئي ڀاڱا نئشنل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان، سال 1934ع ۾ ڇپيا. پهرئين ڀاڱي ۾ 206 صفحا آهن، جنهن جي قيمت هڪ رپيو آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ 200 صفحا آهن، جنهن جي قيمت هڪ رپيو 12 آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو